حڪومت جو مستحق 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ڪوئي بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو اربع تي اسلام آباد ۾ پروگرام جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن پروگرام جو مقصد پورهيتن کي بهتر کاڌو فراهم ڪرڻ آهي وزيراعظم احساس پروگرام جي عملدارن، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ بيت المال جي ٽيم کي “ڪوئي بکيو نه سمهي” پروگرام شروع ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون هن چيو ته مون کي پناه گاهه ڏسي گهڻي خوشي ٿئي ٿي ته هي مستحق ۽ محنت ڪش لاءِ نعمت آهي وزيراعطم چيو ته انهن پناگاهن جي معيار ۾ مسلسل اضافو ڪيو پيو وڃي ته مجبوري ۾ ڪوئي انسان جڏهن هتي اچي ته ان سان سٺو ورتاءُ ڪيو وڃي کيس صاف سٿرو ماحول ڏنو وڃي هن چيو ته اسان ڏٺو ته پناه گاهه جو معيار آهستي آهستي پوئتي هليو ويو هو ۽ هاڻي ان جو معيار بهتر ٿي رهيو اهي وزيراعطم چيو ته بدقسمتي سان اها سوچ بڻجي ويئي آهي ته غريب ماڻهو کي ڪنهن خاص ٽريٽمينٽ جي ضرورت نه آهي پر اسان کي خيال رکڻو آهي ته کيس صاف سٿرو کاڌو فراهم ڪيو وڇي هن چيو ته هي پروگرام پاڪستان لاءِ اهم آهي کوڙ سارا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بکيا سمهن ٿا ڪيترائي ڀيرا روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندرن کي ڪم نه ملي ته اهي بکيا ئي سمهن ٿا ته اسان هن پروگرام جي ذريعي ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻائي رهيا آهيون هن چيو ته پناه گاهون ۽ پوءِ ڪوئي بکيو نه سمهي هڪ فلاحي رياست جي شروعات آهي ته ٽرڪ ڀري انهن هنڌن تي وينداسين جتي بک گهڻي آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته هن پروگرام جو سڄو رڪارڊ تيار ڪيو ويندو هن پروگرام ۾ مسئلا به ايندا جيڪي ان سان گڏوگڏ حل ڪيا ويندا هن چيو ته هي پروگرام اهڙي قسم جي سروس بڻجي ويندو جو سڄي پاڪستان ۾ اسان جون ٽرڪون نطر اينديون وزيراعظم عمران خان چيو ته هن پروگرام کوڙ سارا سرندي وارا حصو وٺڻ چاهين ٿا وزيراعظم جي خطاب کان اڳ ايم ڊي بيت المال عون عباس ۽ خاص مددگار ثانيه نشتر ڪوئي بکيو نه سمهي پروگرام بابت بريفنگ ڏني هن پروگرام بابت پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن موبائيل ٽرڪس جي ذريعي کاڌو فراهم ڪيو ويندو شروعاتي طور تي موبائيل ٽرڪس اسلام اباد ۽ راولپنڊي ۾ هلايون وينديون جنهن کان پوءِ هن پروگرام کي ملڪ جي ٻين حصن تائين وڌايو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *