حڪومت تي حملو ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت تي وار ڪرڻ بدران اپوزيشن کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، قوم ناهي وساريو جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شوگر ڪنٽرول ڪندا هئا، ماضي ۾ عوام بدران مخصوص طبقو فائدا حاصل ڪندو رهيو، نئين پاڪستان ۾ ان جي اجازت نه هوندي، ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته اپوزيشن رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود احتسابي جو مثال پيش ڪيو، هن چيو ته حڪومت تي وار ڪرڻ بدران اپوزيشن کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته اپوزيشن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءَ سان ڀريل آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهو ماڻهو مقرر ٿئي ها جيڪو هن مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏئي ها، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي، هن چيو ته عمران خان يا ان جي خاندان ۾ ڪنهن جي ڪا به شوگر ملز نه آهي، رپورٽ پبلڪ ڪرڻ دليل آهي ته وزيراعظم جي ترجيح عوام جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي مفاد اڳيان جيڪو به ايندو عمران خان ان جي رستي جي ديوار بڻجندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *