حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ نيوڪليئر پاور پروگرام تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪ نيوڪليئر پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود، دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سميت ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري پراجيڪٽس سان گڏ مستقبل ۾ ٺهندڙ  منصوبن تي به غور ويچاريو ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري منصوبن لاءِ فنڊ 2050 جي ويزن تحت جاري ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت، توانائي بحران جي  خاتمي لاءِ هر قدم کڻي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *