حڪومت بني گالا ۾ عمران خان جي رهائشگاهه کي محل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، بني گالا ۾ عمران خان جي رهائشگاهه کي محل قرار ڏيندي اسلام آباد ۾ فليٽ ۽ زمان پارڪ لاهور ۾ گهر، ڀــَڪر ۽ خانيوال ۾ ايراضي جا فٽيج ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا، وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته ڪپتان وٽ هڪ ڪروڙ 36 لک ڪيش آهن ٽيڪس رڳو هڪ لک رپيو ادا ڪندو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان وٽ هڪ ڪروڙ 36 ڪروڙ لک رپيا ڪيش آهن، ٽيڪس رڳو هڪ لکرپيا ادا ڪندو آهي. هن چيو ته عمران خان پرڏيهي ملڪ خدمتن عيوض 84 لک 45 هزار رپيا ، ٻڌايو وڃي ته هن ڪنهن کي، ڪڏهن ۽ ڪهڙيون خدمتون فراهم ڪيون؟ پرويز رشيد چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه وٽ هڪ ڪروڙ 36 لک رپيا ڪيش موجود آهن جيڪي بليڪ مني جي زمري ۾ اچن ٿا. هن چيو ته عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته عمران خان پرڏيهي ملڪ کي ڪرنسي سروسز ڏئي رهيو آهي ته هڪ سال ۾ 84 لک رپين کان وڌيڪ ڪمائي. پرويز رشيد چيو ته عمران خان زرعي ٽيڪس کان پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ پنج لک رپين جو قرضي ظاهر ڪيو ، هن 23 لک 50 هزار رپين جي زرعي آمدني ظاهر ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه چيني صدر جو پاڪستان وارو دورو ملتوي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرويز رشيد چيو ته عمران خان جا پاڪستان ۾ چار محل آهن، پر رڳو هڪ لک رپيا ٽيڪس ادا ڪندو آهي. هن چيو ته 2007ع کان اڳ نواز شريف جبري طور جلا وطن ٿيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته نواز شريف جي شگر ملز 2005ع کان 2014ع تائين 2 ارب 44 ڪروڙ 70 لک 70 هزار 543 رپيا ٽيڪس ادا ڪئي. هن چيو ته 2014ع ۾ وزيراعظم نواز شريف 26 لک 95 هزار 912 رپيا ٽيڪس ادا ڪئي جڏهن ته عمران خان سال 2013 ۽ 2014ع ۾ رڳو هڪ لک 94 هزار 936 رپيا ٽيڪس ادا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *