حڪومت ايندڙ چونڊن کان اڳ لوڊشيڊنگ ختم ڪندي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم خود 2017 تائين لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي پروگرام جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، ايندڙ چونڊن کان اڳ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو، هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عمليتيار ڪئي آهي، سيالڪوٽ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ايندڙ عام چونڊن کان اڳ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪندي. هن چيو ته حڪومت گڏيل احترام ۽ برابري جي بنياد تي آمريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، وفاقي وزير چيو ته آمريڪا کي فوجي ڪارروائي تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، جيڪا قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪاميابي سان جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *