حڪومت انتقامي ڪارروائين ۾ تيزي آڻڻ لاءِ بيوقوفاڻي پر ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت انتقامي ڪارروائين ۾ تيزي آڻڻ لاءِ بيوقوفاڻي پر ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي حرڪتون انهن جي پنهنجي زوال جو سبب بڻجنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته نابين کي به نظر اچي رهيو آهي ته جعلي اعظم ۽ ان جي جعلي حڪومت ڊنل آهي، حڪومت انتقامي ڪارروائين ۾ تيزي آڻڻ لاءِ بيوقوفاڻي پر ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، توهان کي گهٻرائڻو ناهي، ڇو ته اهي حرڪتون انهن جي پنهنجي زوال جو سبب هونديون. هن چيو ته نواز شريف کي ڪجهه نه ٿيندو، هو ناانصافي ۽ ظلم جو نشانو بڻيو آهي، الله ۽ عوام ان سان گڏ آهي، رب پاڪ ان کي سرخرو ڪندو، جڏهن ته ڳڻتي ظالم کي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي، مان پاڻ سان ۽ توهان سان واعدو ڪري چڪي آهيان ته نواز شريف لاءِ آخري حد تائين وينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *