حڪومت انتقامي سياست نه پئي ڪري، نه وري ڪندي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بيان کي غلط فهمي قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت انتقامي سياست نه ڪئي آهي نه ڪرڻ چاهي ٿي نه وري ڪندي.پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري جي بيان جي ردعمل ۾ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ذريعي 90 واري سياست کي هميشه لاءِ دفن کي ڪري ڇڏيو هو، هاڻي ڪڏهن به 90 واري نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي اڄ تائين عملدر آمد ڪري رهيو آهي.وفاقي وزير چيو ته نواز ليگ اڳوڻي صدر آصفزرداري جو احترام ڪري ٿي، آصف زرداري کي غلط اطلاع ڏني وئي آهي، آصف زرداري سرگرم سياستدان ناهي جيڪو ان جي خلاف انتقام ڪيو وڃي..پرويز رشيد چيو ته نوازليگ ڪنهن جو ڇو انتقام ڪندي، وقت ثابت ڪندو ته نواز شريف جي ڊڪشنري ۾ انتقام جو لفظ ناهي، حڪومت انتقامي سياست نه ڪئي آهي نه ڪرڻ چاهي ٿي نه وري ڪندي.وفاقي وزير چيو ته هر ڪيس عدالت وٽ وڃي ٿو، ڪنهن کي سزا ڏيڻ يا وري سزا کي ختم ڪرڻ حڪومت جو اختيار ناهي..پرويز رشيد چيو ته فوجي قياد ت جي فيصلي تي ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو، هو سڀ فوج سان گڏ آهن، پاڪ فوج کي سڄي قوم جي حمايت حاصل آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ عدليه سميت سمورا ادارا مضبو ٿي چڪا آهن 6 مهينا گار گند جي سياست کي برادشت ڪيو آصف علي زرداري غلط فهمي جلد ختم ٿي ويندي يا کيس غلفط فهمي پيدا ي آهي ملڪ ابنتيامي ڪارواني وپارن زم،انو ختم ٿي ويو آهي ڇو ته ادارا مضبوط ٿي وياآهن وزيراعظم نواز شريف ڊاڪٽر عاصم حسين بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي، نواليگ حڪومت کي ڪنهن به خلاف ڪيس داخل ناهن ڪياڪراچي ۾ گرفتار ماڻهن تي ڏوهه ثابت نه ٿيو ته اهي آزاد ٿي ويندا 90 واري سياد ٻيهر ڪڏهن زنده نه ٿيندي ڪراچي ڪنهن ڪجهه ڪيو هوندو اهوعدالت ۾ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *