حڪومت احتساب جي قانون ۾ ترميم تي غور ڪري رهي آهي: خواجه آصف

سيال ڪوٽ (اين اين آءِ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت احتساب جي قانون ۾ ترميم تي غور ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شاهراهه دستور وانگر ناچ گانا ۽ ڊسڪو هوندو، پي ٽي آءِ جي يوم تاسيس جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف سڀ کان پهريان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، پاناما ليڪس معاملي تي عدالتي ڪميشن لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي مطالبو پورو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود به تماشو لڳايو پيو وڃي، هن چيو ته اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ ۾ اڄ ناچ، ڳائڻ، تماشو ۽ ڊسڪو ٿيندو جهڙي طرح 126 ڏينهن شاهراهه دستور تي هنيل ڌرڻي ۾ ٿيو هو، جنهن بعد ماڻهو واپس گهر هلايا ويا هئا، جماعت اسلامي جي ڪرپشن خلاف لاهور ۾ هنيل ڌرڻي جي حوالي سان هن چيو ته پرويز مشرف 17 هين ترميم ذريعي جمهوريت تي ڪاري ضرب هنئين ۽ لاهور ۾ ڌرڻو هڻندڙن 17 هين ترميم جي موقعي تي پرويز مشرف جو ڀرپور ساٿ ڏنو، هن چيو ته جماعت اسلامي جو اڳواڻ مولانا موديدي ڪمال جي شخصيت هو، دعا آهي ته الله سندس پيروڪارن کي به ان جهڙو بڻائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *