حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، صحافين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپوٽر ): سنڌ جرنلسٽس ڪونسل جي صدر غازي جهنڊير، شبير لاشاري، نجيب نائچ، ذوالفقار تنيو، رانا ماجد ۽ عبدالله سولنگي تي مشتمل وفد اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ حڪومت پاران صحافين لاءِ هيلٿ ڪارڊ پاليسي متعارف ڪرائڻ کي ساراهيندي ڪونسل پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ شامل سنڌ جرنلسٽس ڪونسل جي اڳواڻن صوبائي وزير سان ميڊيا ورڪرز لاءِ هيلٿ ڪارڊز جي حوالي سان مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ ڪيئر جي لاءِ موثر ۽ مستقل بنيادن تي پاليسي جوڙڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ جامع حڪمت عملي تي غور ڪيو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پي پي پي جي حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي ۽ صحافين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *