حڪومت آرمي چيف واري معاملي تي وڏي غطلي ڪئي، اسان جون ڪوتاهيون هيون، پنهنجيون غلطيون قبولڻ گهرجن: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي معاملي تي وڏي غطلي ڪئي آهي، اسان جون ڪوتاهيون هيون، اسان کي پنهنجيون غلطيون قبولڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ماڻهو سڄو ملبو فروغ نسيم تي وجهي رهيا آهن جيڪو عمل سراسر غلط آهي، ڪجهه آفيسرن غلطيون ڪيون آهن، عمران خان کي انهن جي خلاف ايڪشن وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال سان ته آرمي چيف جو ملازمت وارو مدي 3 سالن کان به گهٽ آهي، چيف جسٽس جو ملازمت واري مدو گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال هئڻ گهرجي. شيخ رشيد آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت قانون سازي جي باري ۾ سوال تي چيو ته مخالف ڌر به ان قانون سازي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندي پر پيپلز پارٽي ڪجهه نخرا ڪندي ڇو ته انهن جا معاملا اڃان ڪجهه ٻيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *