حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب جلد کان جلد قانونسازي جي خواهشمند

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب جلد کان جلد قانونسازي جي خواهش ظاهر ڪندي قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب 2 ڊسمبر ٿيندڙ اجلاس متلوي ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿي، اپوزيشن سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو شيڊول اجلاس ملتوي ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آئين ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمون پيش ڪيون وينديون، اپوزيشن سان رابطن لاءِ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، قومي اسيمبلي جي اسيپڪر جي صدارت هيٺ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم اجلاس جو امڪان آهي، اسپيڪر سمورين پارلياماني جماعتن سان رابطا ڪندو، حڪومت قانونسازي لاءِ سينيٽ ۾ اپوزيشن کانسواءِ ڪامياب نه ٿي سگهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *