حڪومتي ٽي او آر تي وزير اعظم جو احتساب نٿو ٿي سگهي: اعتزاز احسن

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته هي ڪٿان جو انصاف آهي جو نوازشريف هڪ طرف پانامه ليڪس کان پوءِ جوابدار بڻجي ويو آهي ۽ اهو ئي هاڻيفرد جرم لاڳو ڪندو اصولي طور تي کيس عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهرجي اپوزيشن جماعتن جي ٽي آر اوز کي منظور ڪيو وڃي ته ڪنهن به ڪميشن جي ضرورت نه رهندي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو سينيٽر اعتزازاحسن چيو ته نوازشريف تي لازم آهي ته 1985 کان 2016 تائين جا تمام ذريعا اثاثن ۾ اضافو ۽ ساليانو ٽيڪس ٻڌايو وڃي ۽ هن وقت تائين ذريعن ۽ آمدني کي ڊڪليئر ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم ٻڌائي ته سندس پئسو ڪهڙي طرح پرڏيهي ملڪن ۾ ويو ۽ ٽيڪس ڇو نه ادا ڪيو ۽ پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ ويا. ڪيتريون آف شور ڪمپنيون آهن اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *