حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، دنيا ايندڙ 50 سالن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي ۽ اسان موجوده مسئلا حل نه پيا ڪري سگهون، شهر ۾ ڪير به اڃايل نٿو مري، سڀ پئسن عيوض پاڻي خريد ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرينٽس ۽ پاڻي بحران خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته آءِ ڊي پيز لاءِ بدين ۽ نوابشاهه تائين ٽينڪرز اماڻيا ويندا آهن، آءِ ڊي پيز لاءِ اماڻيل پاڻي جي ٽينڪرز تي 32 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن. چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته دنيا ايندڙ 50 سالن جي منصوابندي ڪري رهي آهي ۽ اسان موجوده مسئلن کي حل نه پيا ڪري سگهون. چيف جسٽس چيو ته ايم ڊي واٽر بورڊ چئي ٿو ته ڊفينس ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته پوءِ وڏي تعداد ۾ ٽينڪرز پاڻي ڪٿان کڻي اچن ٿا؟ چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته شهر اندر ڪير به اڃايل نه مري رهيو آهي، پاڻي خريد ڪري پي رهيا آهن، حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. جسٽس مقبول باقر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڄاڻون ٿا ته ٽينڪرز جا 80 سيڪڙو بل جعلي آهن، پهريان متاثرن کي اماڻيل ٽينڪرز جي تصديق ڪئي وڃي ۽ پوءِ ادائگيون ڪيون وڃن. جسٽس امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٻڌائي سگهو ٿا ته واٽر بورڊ آءِ ڊي پيز تائين پهتا آهن يا نه؟ جنهن تي ايم ڊي واٽر بورڊ عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته واٽر ٽينڪر آءِ ڊي پيز تائين پاڻي پهچڻ يا نه پهچڻ بابت ڄاڻ ناهي، واٽر ٽينڪرز سنڌ سرڪار جي حڪم تي اماڻيا وڃن ٿا. عدالت غير قانوني هائيڊرينٽس خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي بحران بابت چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *