حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي امير مقام جي پٽ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان کي سياسي انتقام نه چئون ته ٻيو ڪا چئون، حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ته اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي، نيب کانپوءِ ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت به سياسي انتقام جي ميدان ۾ لٿل آهي، جيتري ڪرپشن پشاور ميٽرو ۾ آهي ڪنهن منصوبي ۾ نه آهي، عمران خان جي ڪرپشن هلال ۽ ٻئي جي غلطي معاف نه آهي، اسان به ڪرپشن يج خلاف آهيون پارليامينٽ ۾ اسان کي مڪمل خاموش ڪرايو ويو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ رڪيوويزشن جمع ڪرائي آهي، ملڪ ۾ دهشتگرد جي لهر ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي تي بحث ڪرايو وڃي، اڱاري تي پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته امير مقام کي هڪ ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته نه ڪنهن شڪايت ڪئي جنهن اداري گرفتار ڪرايو نه ان ڪا شڪايت ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اين ايڇ اي به ڪم معياري نه هئڻ جي ڪا شڪايت نه ڪئي آهي، ايف آءِ آر ۾ جيڪو الزام لڳو اهو 3 ڪروڙ کان گهٽ آهي، هن چيو ته امير مقام جي پٽ جي ڪمپني جون 35 ڪروڙ بينڪ گارنٽيون اين ايڇ کي ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته اهي غلط ڪم ٿيو هو ته ان تي ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ٿي، هن چيو ته 30 نومبر 2018 تي مواصلات وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري ايف آءِ اي کي خط لکيو، خط وزير جي حڪم تي لکيو ويو، هن منصوبي ۾ ڪرپشن آهي، هي حالت آهي هن ڪيس، هاڻ ڪيس کي سياسي انتقام نه چئون ته ٻيو ڇا چئون، جيڪڏهن حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ته ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *