حڪمران ايترا ڊنل آهن جو ماڻهن سان ملڻ سندن گهر صبح جو چار وڳي ويندا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته اسان جا حڪمران ايترا ڊنل آهن جو ماڻهن سان ملڻ سندن گهر صبح جو چار وڳي ويندا آهن، اتي جيڪڏهن هڪ مولوي اچي وڃي ته هنن جو پگهار نڪري ايندو آهي 15 ڏينهن تائين روڊن ئي ناهن کوليا ويندا. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي برآمدات گهٽجي رهي آهي. چانور وٺندڙ هن وقت پريشان آهن، هڪ لک ٽن چانور گودامن ۾ پيل آهن ۽ پاڪستان جي 5 وڏن ايڪسپورٽرن کي ڪينيا جهڙن ملڪن گرفتار ڪيو آهي، اڄ ڪينيا جهڙو ملڪ به اسان اهڙو رويو رکي رهيو آهي جيڪڏهن ائين ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهري سان ٿئي ها ته سڄي دنيا ۾ ڪهرام متل هجي ها، ان حوالي سان جڏهن پرڏيهي سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته هن کي ان ععاملي جو علم نه هو ۽ هاڻ پرڏيهي وزارت چوي ته پاڪستان هاءِ ڪميشن ان سلسلي ۾ قدم کڻندي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان افغانستان جي جنگ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لڳائي ڇڏيو پر پوءِ به اسان کي ڌمڪي ڀريا بيان ٻڌڻ لاءِ مليا، اها اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو ثبوت آهي، ناڪارا پرڏيهي پاليسي جي ڪري ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي ڪير به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، عالمي صورتحال ٻڌائڻ لاءِ ڪو به وزير موجود ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *