حڪمرانن کي ناڪامي تسليم ڪري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: بي اين پي/ جي يو آءِ (ف)

اسلام آباد  (اين اين آءِ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن اپوزيشن سان ويجهڙايون وڌي رهيون آهن جنهن ڏينهن اسان اپوزيشن ۾ آياسين ته اپوزيشن کي صحيح اپوزيشن ڪري هلائينداسين رياست ۽ رياستي ادارا ۽ حڪومت چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏي ته اسان جامطالبا جائز نه آهن جيڪڏهن اسان جا مطالبا غِر  ائيني آهن ته اسان ڪنهن ٻئي جو دروازو کڙڪايو يا ڪنهن پير يا مرشد جي درگاهه تي وڃون جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته بي اين پي مينگل جو فيصلو پي ٽي آءِ ۽ ٻين اتحادي جماعتن لاءِ به مثال جوڳو آهي حڪومت جي ٻين اتحادي جماعتن کي به هاڻي واضح نموني سان حق سچ چوڻ گهرجي ڪارڪرگي جي بنياد موجوده حڪمرانن جي مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي موجوده حڪمرانن کي هاڻي وڌيڪ مڙجڻ جو حق نه آهي موجوده حڪمران کي پنهنجي ناڪامي تسليم ڪري بنا دير استعيفا ڏيڻ گهرجي آچر تي مولانا فضل الرحمان سان اختر مينگل ملاقات ڪئي جنهن ۾ موجوده سياسي ۽ ڪرونا صورتحال بلوچستان جي معاملن ۽ وفاق پاران جاري ڪيل ايندڙ مالي سال 21-2020 بجيٽ سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا ملاقات کان پوءِ سردار اختر ينگل مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه کان روانو ٿيو ته ان دوران صحافي سردار اختر مينگل کان سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي سردار اختر مينگل جواب ڏنو ته سڀ ڳالهيون هاڻي اوهان جي سامهون تهنٿيون رکي سگهجن هن چيو تهمولانا فصل الرحمان سان ذاتي تعلق آهي هن وقت به جي يو آءِ سان بلوچستان ۾ اپوزيشن ۾ آهيون مولانا فضل الرحمان جي سموري جماعت پاڪستان ۾ موجود آهي صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان اپوزيشن جو حصو بڻجي ويا  آيو اختر مينگل چيو ته ڳالهيون هلي رهيون آهن اپوزيشن سان ويجهڙائي وڌي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *