حيسڪو ۽ سيپڪو اسان جي حوالي ڪريو: سنڌ حڪومت جو وفاق کان مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سـِنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه، سيپڪو ۽ حيسڪو سنڌ حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبي ڏانهن بلز ميٽر ريڊنگ تحت نه پر وفاقي وزير جي مرضي سان ايندا آهن، وفاق موڪليل بلز تي نظرثاني ڪري وڌيڪ هڪ ٽـَڪو به نه ڏنو ويندو، جيڪڏهن بلز وارو مسئلو حل نه ٿيو ته وفاق خلاف ڌرڻو هنيو ويندو. اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽر اعتزاز احسن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي مسئلن تي ڌيان نه پئي ڏئي، پنجاب کي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت سر رقم فراهم ڪئي وئي وڃي. هن چيو ته پنجاب کي 22 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، پر بل سنڌ ۾ وڌيڪ موڪليا پيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت 5 سالن جي عرصي دوران وفاق کي 41 ارب ملز جي مد ۾ ڏئي چڪي آهي پر وفاقي حڪومت وڌيڪ 65 ارب رپيا بجلي بلز جي مد ۾ گهري رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت بجلي بلز جي مد ۾ جيتري رقم ادا ڪئي آهي، ان جو اڌ حصو به ڪنهن ٻي صوبي نه ڏنو هوندو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڏانهن بجلي جا بلز ميٽر ريڊنگ تحت ناهن ايندا پر اهي وفاقي وزير جي مرضي سان موڪليا ويندا آهن، وفاق اوور بلنگ واري معاملي جو ٻيهر جائزو وٺي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پئسو عوام جي امانت آهي، هو جائز رقم کانسواءِ وفاق کي وڌيڪ هڪ ٽڪو به فراهم نه ڪندا. هن چيو ته خواجه آصف کي سنڌ جي مسئلن جي ڄاڻ ئي ناهي، پئسو سنڌ حڪومت فراهم ڪري ۽ هي وري سرڪيولر ڊيٽ ختم ڪري ڇڏين، ڇا اها زيادتي ناهي. مراد علي شاهه مطالبو ڪيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حڪومت حوالي ڪيا وڃن، جيڪڏهن بجلي بلز وارو معاملو حل نه ٿيو ته وفاق خلاف ڌرڻو هنيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته سنڌ کي هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ وفاق ڪي به سهولتون فراهم ناهن ڪيون. اعتزاز احسن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي مسئلن کي سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي، پنجاب جيان ٻين صوبن کي به ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت سر رقم فراهم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *