حيدرآباد ۾ ڪرنٽ سبب گڏهه مرڻ، حيسڪو ملازمن تي ڪيس، عابد شير جي ٿاڻي آمد ۽ گنيز بڪ جو ذڪر

حيدرآباد(رپورٽر) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ بجلي جي ڪرنٽ سبب مري ويل گڏهه جوڪيس حيسڪو جي 8 ملازمن تي داخل ٿيڻ کان پوءِ پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير ملازمن سميت ڀٽائي نگر ٿاڻي تي پهچي ويو. عابد شير علي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي هڪ صوبائي وزير جي چوڻ تي پوليس گڏهه جي قتل جي ايف آءِ آر حيسڪو ملازمن تي داخل ڪئي آهي، ان صوبائي وزير ۽ ڀٽائي نگر پوليس جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ داخل ڪرائڻ گھرجي. حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي ٻاهران مملڪتي وزير عابد شير علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي 6 هزار بجلي چورن جي لسٽ ڏني وئي ته سندن مٿان بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر ان رڳو 28 ماڻهن تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حيدرآباد پوليس رڪارڊ قائم ڪندي گڏهه جي قتل جي ايف آءِ آر حيسڪو جي ايس ڊي او سميت 8 ماڻهن مٿان داخل ڪئي آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جو الله ئي واهي آهي. عابد شير علي صوبائي وزير ڄام خان شورو تي الزام هڻندي چيو ته هن حيسڪو چيف کي فون تي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته سندس علائقي ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪئي وئي ته سندس حشر برو ڪيو ويندو، ان مان لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيده ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس سندس کاتي جي عملدارن خلاف انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي. هن چيو ته کيس ان ڳالهه تي حيرت ٿي آهي ته آخر سنڌ پوليس ۾ اهڙي ڪهڙي صلاحيت اوچتو جنم ورتو آهي جو اها هاڻ جانورن جي فوت ٿيڻ تي به حيسڪو عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪري رهي آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *