حيدرآباد ڀرسان هٽڙي باءِ پاس وٽان هڪ ڪار مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

حيدرآباد(بيورو) ڀرسان هٽڙي باءِ پاس وٽان هڪ ڪار مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جن مان هڪ جي سڃاڻپ نصرپور واسي ۽ ٻي جي ٽنڊو ڄام واسي طور ڪئي وئي آهي.  هٽڙي باءِ پاس ڀرسان هڪ ڪار مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا، جن مان هڪ جي سڃاڻپ نصرپور واسي احسان ۽ ٻي جي سڃاڻپ ٽنڊو ڄام واسي سوڀو ڪاڪيپوٽو طور ٿي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پهچايا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا. مقتول سوڀي جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان وڪيل احسان جو گارڊ هو، جيڪو هميشه وڪيل سان گڏ هوندو هو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *