حيدرآباد لڳ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، 3 ڦورو مارجي ويا، 2 اهلڪار زخمي

حيدرآٻاد(بيورو) حيدرآباد ويجهو هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو دوران فائرنگ ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. ڳجهي اطلاع تي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ دريا خان بيگ مغل تي چڙهائي ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 3 ڏوهارين کي مقابلي بعد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته مبينا مقابلي ۾ 2 اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ معشوق علي، خان محمد سولنگي ۽ ڪرم چانڊيو شامل آهن، زخمي پوليس اهلڪارن ۾ انور علي ۽ عبدالجبار شامل آهن….. پوليس ٽنهي ڏوهارين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار انور علي ۽ عبدالجبار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٽئي ڏوهاري مارجي ويا…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *