حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان: ڪچو شراب واپرائيندڙ 10 ڄڻا فوت

back01102014-8-300x180حيدرآباد(بيورو) سنڌ ۾ ڪچي شراب جو وڪرو گهر اجاڙڻ لڳو، حيدرآباد ۽ ٽنڊي ڄام ويجهو ڪچو شراب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو، ايس ايس پي حيدر آباد نوٽيس وٺندي 5 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو،جڏهن ته 13 بٺيون ڊاهي 130 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب رنگيلي،حسين شاهه ۽ عطا محمد سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان کان اڳ ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ حاجي دريا خان ناهيون ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب نوجوان اسلم ناهيون،عديل ناهيون ۽ پريم چند فوت ٿي ويا. فوتين جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا ويا،جيڪي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. گذريل رات پڻ کيسانا موري جو رهواسي 45 ورهين جو فقيرو ميگهواڙ به ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو هو. ساڳي علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ به ساجد ناهيون ۽ وزير ڪليري پڻ ڪچو شراب واپرائڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا هئا. علائقي واسين موجب ڪچي شراب جو وڪرو سر عام ٿي رهيو آهي، جنهنڪري ٽن ڏينهن اندر 5 انساني جانين جو زيان ٿيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي حيدرآباد معاملي جو نوٽيس وٺندي هٽڙي ۽ هوسڙي سميت 5 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي ڪچي شراب ٺاهڻ جون 13 بٺيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون،جڏهن ته 130 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *