حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هوش اڏائيندڙ واڌ، شوگر انسولين جي قيمت هڪ هزار رپيا وڌي ويئي

ڪراچي (اين اين آءِ) جان بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هوش اڏائيندڙ واڌ ڪئي ويئي شوگر انسولين جي قيمت هڪ هزار رپيا وڌي ويئي. نئين قيمت ساڍا 6 هار ڪئي ويئي پاڪستان ڊرگ لائر فورم نورمهر مطابق جان بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هوش اڏائيندڙ واڌ ڪئي ويئي اينٽي بايوٽيڪ آگمينٽن، معدي جي دوا رائزڪ ۽ طاقت جي دوا سربيڪس زي جون قيمتون به وڌي ويون آهن هن ٻڌايو ته ڊريپ جي منظوري بنا ئي کوڙ سارين دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويئي آهي شوگر جي دوا لينٽس پين جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا واڌ ڪئي ويئي آهي جنهن کان پوءِ شوگر جي انسولين هاڻي 5500 بدران 6500 رپيا ڪئي ويئي هن ٻڌايو ته معدي جي دوا رائزڪ جي قيمت 245 مان وڌائي 280 رپيا ڪئي ويئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *