حميرا مغل بنا اجازت جي شوٽنگ ڪرڻ سبب گرفتار

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل حميرا مغل کي بنا اجازت شوٽنگ ڪرڻ تي جيل ياترا ڪرڻي پئجي وئي.چار ڏينهن جيل ۾ رهڻ کان پوءِ کيس ضمانت تي رهائي ملي وئي آهي. يڊيا رپورٽ موجب حميرا مغل لاڳاپيل ٿاڻي جي اجازت کان بنا ملتان ۾ هڪ ڪمرشل وڊيو جي شوٽنگ ڪري رهي هئي جنهن تي پوليس کيس رڪارڊنگ دوران ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو ۽ چالان ڪٽي کيس جيل موڪلي ڇڏيو.اداڪاره کي ضمانت ڪرائڻ ۾ 4 ڏينهن لڳي ويا. حميرا مغل صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن سان تڪرار ٿي هئي پر چار ڏينهن جيل ۾ گذارڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *