حمزه علي عباسي پنهنجي شادي تي مهندي ۽ ڍولڪي جهڙيون رسمون ملهائڻ کان چٽو انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار حمزه علي عباسي پنهنجي شادي تي مهندي ۽ ڍولڪي جهڙيون رسمون ملهائڻ کان چٽو انڪار ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت اڳ اداڪاره ايمن خان ۽ منيب بٽ ڊگهي شادي ڪري شادي جي رسمن تي اجايو پيسو لٽائي عوام کي ڪاوڙ ڏياري هئي. جنهن تي مٿن سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي. جڏهن ته هاڻي حمزه علي عباسي پنهنجي شادي تي مهندي ۽ ڍولڪي ملهائڻ کان انڪار ڪري معاشري ۾ نئين روايت قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” جي پروڊيوسر ۽ حمزه علي عباسي جي بهترين دوست عماره حڪمت گذريل ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي حمزه علي عباسي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته “منهنجو پيارو حاجي دوست گهوٽ طرفان ڍولڪي ملهائڻ کان انڪار ڪرڻ تي اسان ڪجهه ويجهن دوستن کي گهرائي کاڌي جو بندوبست ڪري خوشي ملهائي” تصوير ۾ حمزه علي عباسي ۽ گوهر رشيد کانسواءِ ڪجهه ويجها دوست نظر اچي رهيا آهن. ٻئي پاسي حمزه علي عباسي جي ڪنوار نيمل خاور جي مايون جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آههن جن ۾ هو بنا ميڪ اپ جي پيلي جوڙي ۾ خوبصورت لڳي رهي آهي. واضح يهر ته اداڪار حمزه علي عباسي ۽ نيمل خاور جي شادي تقريب سادگي سان ٿي ۽ وليمو پڻ ٿيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *