حمزه شهباز کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، ملڪ تي عمران سوچ مڙهيل آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ترجمان مريم اونگزيب حمزه شهباز سان ميڊيا کي ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته ملڪ تي عمران صاحب جي سوچ مڙهيل آهي عمران صاحب آواز بند ڪرڻ سان سچائي لڪي نٿي سگهي نه ئي ڪوڙ سچ ٿي سگهي ٿو اربع تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته نااهل حڪومت سمورن سياسي مخالفن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان جا آواز به بند ڪري رهي آهي هن چيو ته سياسي مخالفن جي خلاف ڪرپشن نه پئي ملي حڪومت هاڻي آواز بند ڪري رهي آهي هن چيو ته راءِ جي اظهار جي آزادي تي تاريخ جون بدترين پابنديون مڙهيل آهن نالائق حڪومت رڳو عمران نامو چاهي ٿي هن چيو ته ميڊيا تي تسدد ۽ صحافين سان بداخلاقي حڪومت جو خوف ۾ مبتلا ٿيڻ جو ثبوت آهي هن چيو ته سرڪاري آفيسرن ادارن ۽ ميڊيا تي تشدد ۽ حملا ڪرڻ عمران صاحب جي جماعت جي پراڻي عادل آهي هن چيو ته عمران صاحب پنهنجي تڪبر ۽ ڪوڙ جي سزا ميڊيا کي ڏيڻ سان حقيقت تبديل نه ٿيندي هن چيو ته سياسي قيدين جو هر ڪيس حڪومت جي ڪوڙ ۽ انتقام جو آئينو بڻجي چڪو اهي هن چيو ته ميڊيا تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *