حمائمه ملڪ گلوڪارا مومنه مستحسن تي تنقيد ڪندي هن کي “پرچي” قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا حمائمه ملڪ گلوڪارا مومنه مستحسن تي تنقيد ڪندي هن کي “پرچي” قرار ڏئي ڇڏيو. لڪس اسٽائل ايوارڊز جي تقريب دوران مومنه مستحسن کي ٿڌي پرفارنس ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي واهپيدارن سان گڏ حمائمه ملڪ به مومنه مستحسن جي پرفارمنس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. گذريل ڏينهن مومنه مستحسن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي گيت جو مختصر حصو شيئر ڪيو هو جنهن تي حمائمه ملڪ تبصرو ڪندي لکيو ته مومنه جي ان وڏي پرفارمنس کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ آخري مهنٽ تي ٻن گلوڪارن جي پرفارمنس کي هٽايو ويو، اهو هتان جو پرچي سسٽم آهي. حمائمه وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن قنديل بلوچ جيئري هجي ها ته اها مومنه کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڊانس ۽ پرفارم ڪري ها. ان کان پوءِ حمائمه ملڪ پنهنجا ڪمنٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا پر سندس ڪمينٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *