حمائمه ملڪ ٻڌائي ڇڏيو ته سڀني کان وڌيڪ ڪنهن سان محبت ڪري ٿي

 

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره حمائمه ملڪ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هن جي زندگي ۾ سڀني کان اهم ڪير آهي ۽ هو سڀني کان وڌيڪ محبت ڪنهن سان ڪري ٿي.هدايتڪار شعيب منصور جي فلم بول مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره حمائمه ملڪ ڪافي عرصي کان فلمن کان پري آهي پر سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهندي آهي. تازو ئي سندس هڪ مداح کيس انسٽاگرام تي(آسڪ مي سيشن) جي دوران سوال پڇيو ته اوهان ڪنهن سان محبت ڪنديون آهيو جنهن جي جواب ۾ اداڪاره ٻڌايو ته هو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي ڀائٽي اداڪار فيروز خان جي ننڍي پٽ سلطان سان محبت ڪري ٿي.حمائمه ملڪ جي ننڍي ڀاءُ فيروز خان جي گهر هلندڙ سال پٽ محمد سلطان خان پيدا ٿيو آهي جنهن جي اطلاع فيروز خان سوشل ميڊيا تي ڏيندي پنهنجو خوشي جو اظهار ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن حمائمه ملڪ اڪبر ڊهيڊي نالي شخص سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون هيون ۽ کيس پنهنجو پسنديده شخص ۽ بهترين دوست قرار ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *