حليم عادل شيخ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي حڪومت سان ڳالھين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو، بل ڪارو قانون قرار

ڪراچي(پ.ر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ مخالف ڌر جي پارلياماني اڳواڻن محمد حسين، حسنين مرزا ۽ بلال غفار سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل موجود 2021ع تي حڪومت سان ڳالهين جو ڪو به امڪان ناهي، بل ڪارو قانون آهي جيڪو آئين سان ٽڪراءُ آهي، ان کي واپس وٺڻ تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي.مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ڳالهين جي غير رسمي دعوت کي بي معنيٰ سمجهن ٿيون، بل کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اپوزيشن سان مشاورت ڪئي وڃِ ها. حليم عادل شيخ چيو ته اپوزيشن جي سمورين پارٽين ترميمي بل تي صلاح مشورا ڪيا آهن ۽ سڀ متفق آهن ته ان ڪاري قانون تحت مقامي حڪومتن کي محدود اختيار کان به محروم ڪيو ويو آهي، اسان گورنر اڳيان پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا ۽ کين ٻڌايو ته بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 7-8-32-140اي جي خلاف آهي هڪ غير قانوني، غير آئيني ۽ غير پارلياماني طريقي سان اهي ترميمون ڪري سنڌ جي شهرن تي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن ۾ وڃڻو آهي، ووٽ جي ذريعي هاڻي پي پي ڪامياب نٿي ٿي سگهي ان ترميمن کان پوءِ نوٽ جي ذريعي ووٽ خريد ڪيو ويندو. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته اسان 2013ع جي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي به نٿا مڃون جنهن تحت سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي مڪاني ادارن واري نظام کي پنهنجي اختيارن کان محروم رکيو ويو ۽ هاڻي ان ۾ وڌيڪ ترميمون ڪيون ويون آهن جيڪي آرٽيڪل 7-8-32 ۽ 140A جي خلاف آهن.  انهن ترميمن تحت ڪو به ماڻهو جيڪو پنهنجي يونين ڪائونسل مان نٿو کٽي سگهي اهو به ميئر ۽ چيئرمين بڻجي سگهي ٿو، هر چونڊيل عهدي جو هڪ مدو هوندو آهي پر بل ۾ ان مدي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي ٻٽو نظام آهي جيڪو صرف زردارن جي فائدي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، مڪاني ادارن واري وزير جي فون ڪال جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اها غير رسمي ڳالهه ٻولهه هئي، بند ڪمرن ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيون ان بل جي خلاف سڄي سنڌ ۾ آواز اٿاريو پيو وڃي سموريون سياسي سماجي پارٽيون ان بل تي ناراض آهن، جيڪڏهن لوڪل باڊي قانون ۾ موجود غير اخلاقي، غير انساني ۽ غير قانوني شقن کي هٽايو وڃي ته اسمبلي فلور تي بحث ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم اڳ ۾ ئي لوڪل باڊي قانون بابت پنهنجا الڳ الڳ مسودا اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي چڪا آهن جن کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، اهي بل اسان جي راءِ سمجهي سگهجن ٿا. موجوده صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سان ڳالهائڻ سنڌ جي عوام سان خيانت هوندي. اهي ماڻهو ڳالهين جي آڙ ۾ پنهنجو ڪم ڪندا رهيا آهن، پوليس سڌارن جو معاملو ان جو هڪ مثال آهي، جڏهن حڪومت مخالف ڌر سان ظاهري ڳالهيون نه ڪيون ۽ پنهنجي مرضي سان بل کي جلد بازي ۾ پاس ڪرايو ويو  هن ڪاري قانون جي نظام کي روڪڻ لاءِ اسان ڀرپور احتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين، روڊن تي نڪرنداسين، سي ايم هائوس جو گهيرو پڻ ڪيو ويندو.ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر محمد حسين چيو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين سميت سمورين سياسي پارٽين کي سخت اعتراض آهن ۽ هو ان جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اعليٰ عدالتن حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته هو مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائين پر سنڌ حڪومت آئين پاڪستان جي خلاف ورزي ڪندي لوڪل گورنمنٽ بل پاس ڪرايو آهي جنهن کي اسان مڪمل رد ڪريو ٿا ايم ڪيو ايم اڳ ۾ ئي بلدياتي نظام جو مسودو اسمبلي ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي اسان ان ڪاري قانون خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون عدالتن ۾ به وينداسين اسان سمجهون ٿا ته جيستائين مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيارات جي منتقلي ۽ مڪاني ادارن کي بااختيار نه بڻايو وڃي، تيستائين عوام جي خدمت نه ٿي ڪري سگهجي، پيپلز پارٽيءَ جو رويو، سياست ۽ پاليسي عوام دوست نه آهي، 14 سال حڪومت ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت صوبائي مالياتي ڪميشن نه ٺهرائي. جي ڊي اي جي پارلياماني ليڊر حسنين مرزا خدشن جو اظهار جو ڪندي چيو آهي ته  غيرقانوني طور پاس ٿيل لوڪل گورنمنٽ بل کي رد ڪريون ٿا ، هن چيو ته سمورين پارٽين تي مشتمل سليڪٽ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ متفقه بل آندو وڃي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جو طريقو بڻجي ويو آهي ته اهي هر مسئلي کي جرگيءَ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر ان قانون تي تڏهن ئي بحث ٿيندو جڏهن هي بل واپس ورتو ويندو 2013ع جو مڪاني حڪومتن وارو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ عوام کي ان جي سزا ملي رهي آهي، 2013ع کان وٺي هن قانون ۾ 13 ترميمون ٿي چڪيون آهن جن جو مقصد هڪ گروهه کي فائدو پهچائڻ آهي عوام دشمن ڪوششن جي هر فورم تي مخالفت ڪندي سنڌ جي هر شهر ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ پارلياماني ليڊر بلال غفار چيو آهي ته قانون ۾ آئين جي آرٽيڪل 140 اي اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقلي جو ذڪر  آهي پر نئو بل آڻي آئين جي خلاف ورزي ڪئي ويئي آهي، پاڻ کي جمهوريت جا چيمپئن ته چوندا آهن پر طاقتور مڪاني حڪومتون آڻڻ نٿا چاهين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *