حلفي بيان: نون انڪشافن شريف خاندان کي وري سيسلين مافيا ثابت ڪري ڇڏيو: فواد چوڌري

اسلام آباد (م.د) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم حلف نامو نوازشريف جي آفيس ۾ سندس سامهون قلمبند ڪرايو.  فواد چوڌري مائيڪرو بلاگنگ سائٽ تي هڪ اخباري ڪٽنگ شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ هڪ ڪيپشن به لکيو. وفاقي وزير لکيو ته راڻا شميم حلف نامو نوازشريف جي آفيس ۾ سندس سامهون قلمبند ڪرايو. نئين انڪشاف هڪدفعو ٻيهر شريف فيملي کي سسيلين مافيا ثابت ڪري ڇڏيو.  فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ان سان ثابت ٿئي ٿو ته هي ڪيئن مافيا جيان عدالتن ۽ ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.  واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ملڪ جي تاريخ ۾ نوازشريف جو باب هاڻ بند ٿي چڪو آهي. اسان ته حق ۾ آهيون ته کيس واپس آندو وڃي.  هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي نااهلي ختم ڪرڻ جي لاءِ رستا ڪڍيا پيا وڃن. ليگي اڳواڻ جي ڪرپشن نيب لا ۾ ثابت ٿي چڪي آهي. سياسي بونا پنهنجو قد وڌائڻ جي لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ ڊبل نااهل آهن. هڪ سپريم ڪورٽ کان جڏهن ته ٻئي طرف هي نيب لا ۾ به نااهل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *