حفيظ پاشا، سلمان شاهه، شوڪت ترين ۽ عشرت حسين ناڻي وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر بعد ناڻي واري وزارت جا معاملا هلائڻ لاءِ  اميدوارن جا نالاسامهون اچي ويا آهن.  ذريعن موجب ناڻي واري وزير اسد عمر  جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ جي صورت ۾ عهدي لاءِ ڪجهه نالا سامهون اچي رهيا آهن.  ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين کي مقرر ڪرڻ جو امڪان هو پر هن عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.  ذريعن موجب ناڻي واري وزارت هلائڻ لاءِ  اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ پاشا، سلمان شاهه ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو گورنر عشرت حسين مضبوط اميدوار آهن.  ذريعن موجب عشرت حسين واپاري برادري لاءِ به قبولڻ جوڳو آهي ۽ هن وقت وزيراعظم جي ادارن جي سڌارن ۽ بچت بابت معاملن جو صلاحڪار آهي.  ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جي امڪاني لسٽ ۾ اڳوڻو ناڻي واري وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو نالو به شامل آهي، هو پ پ جي دور ۾ ناڻي وارو وزير رهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *