حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل، پاسپورٽ بلاڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ وجهي پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ مسلسل طلب ڪرڻ جي باوجود حاضري تي نه اچڻ تي حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيئي ان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته نيب ٻنهي کي انٽرپول ذريعي وطن آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي رپورٽ موجب نيب حسن ۽ حسين نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ درخواست ڏني آهي جنهن تي نگران ڪابينا في الحال ڪوئي فيصلو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن موجب نيب پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ کي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري انهن جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *