حسن علي جي تيز رفتار بال اسٽمپ ٽوڙي ڇڏيو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي جي ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جاري آهي، وڪيٽون وٺڻ تي حسن علي جي پرفارمنس جي واکاڻ جاري آهي پر هن تيز رفتار بال تي اسٽمپ ٽوڙي به سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.حسن علي ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ لنڪا شائر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ هن گلوسٽر شائر جي جيمز بريسي کي بولڊ ڪندي مڊل اسٽمپ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.حسن علي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ ٽٽل وڪيٽ کڻي ساٿي رانديگرن کان داد وصول ڪيو، پوءِ هن ٽٽل وڪيٽ هڪ ٻار کي ڏئي ڇڏي ۽ ان سان گڏ تصوير به ڪڍرائي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *