حساس اداري جي ڪارروائي، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جو ويجهو ساٿي ڊاڪٽر عاصم کي حساس اداري حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ذريعن مطابق هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ۽ اڳوڻو پيٽروليم صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ موجود هو ته سول ڪپڙا پهريل اهلڪارن کيس تحويل ۾ ورتو ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتار ڪلفٽن ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي دفتر مان ڪرپشن جي الزام طور ڪئي ويئي آهي حراست وقت ڊاڪٽر عاصم حسين ڊائون ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ انٽرويوز ڪري رهيو هو سول ڪپڙا پهريل اهلڪارن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد حاصل هئي ڊاڪٽر عاصم حسين کي نامعلوم هنڌ تي منتقلڪيو ويو آهي هوڏانهن ترجمان نيب جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي خلاف قومي احتساب بيورو ۾ ڪوئي ڪيس نه آهي نيب ان جي خلاف ڪائي ڪارروائي نه ڪئي آهي ڊاڪٽر عاصم آصف زرداري جو ويجهو دوست ۽ ذاتي ڊاڪٽر به آهي هو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي لنڊن مان وطن پهتو هو لنڊن ۾ قيام دوران هن آصف زرداري سان ڪيتريون ئي ملاقاتون پڻ ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *