حريم شاهه تي شوٽنگ دوران شينهن حملو ڪري ڏنو، ويڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه تي شوٽنگ دوران شينهن حملو ڪري وڌو، اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.حريم شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آھي، جنهن ۾ هوءَ شوٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته هڪ شخص پاڻ سان شينهن ڪاھي اچي رھيو آھي، جيڪو ايندي ئي حريم ڏانهن وڌي ٿو.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شينهن کي جهليندڙ شخص ان کي حريم کان پري ڇڪي ٿو پر شينهن بار بار حملو ڪري رهيو آهي.ٽڪ ٽاڪر جي محافظن به هن کي شينهن جي حملي کان بچائڻ لاءِ گهيرو ڪيو پر بي قابو شينهن وري به حريم تي پنجو کنيو.اڃا تائين اهو واضح ناهي ته اهو واقعو ڪڏهن ۽ ڪٿي پيش آيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *