حديبيا پيپرز ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو عدليه جي وقار جي سوڀ آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته حديبيا پيپرز ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو عدليه جي وقار جي سوڀ آهي، فيصلي سان ادارن کي سکڻ گهرجي ته سياسي معاملن کان پاسي تي رهن. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته سياسي نوعيت جو ڪيس آهي جنهن تي پرويز مشرف جي آمريتي دور ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي تنهن ڪري عدالتن کي اهڙي سياسي طور تي ٺاهيل ڪيسن کي نه وٺڻ گهرجي. هن چيو ته  هي فيصلو عدالتي وقار جي ڪاميابي آهي اهڙي نموني پاڪستان اڳتي وڌي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته عدالتن ۽ ادارن کي سياسي معاملن کان پري رهڻ گهرجي ان سان سندن وقار بحال رهندو آهي، جيڪڏهن اسان کان ڪا غلطي ٿيندي ته اعتراف ڪنداسين پر ادارن کي غلطي نه ڪرڻ گهرجي. طلال چوڌري چيو ته گذريل ڌرڻي کان وٺي تمام گهڻيون شيون ڏٺيون ۽ ادارن کي سکڻ گهرجي ان شيءَ ۾ ملڪ جي بهتري آهي ته ادارا سياسي معاملن کان پري رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *