حديبيا پيپرز ملز ڪيس جو مقصد جوابدارن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ هو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ملز ڪيس کولڻ بابت نيب جي اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. 36 صفحن تي ٻڌل فيصلو  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ريفرنس جو مقصد جوابدارن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه هو،  جڏهن ته جوابدارن کي دفاع جو موقعو به فراهم نه ڪيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪيس جي ٻيهر جاچ نه ڪرڻ جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن آهن پر هاءِ ڪورٽ جي جج ٻيهر جاچ نه ڪرڻ جا سبب پنهنجي فيصلي ۾ بيان نه ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ چيو ته ريفرنس کي اڻڄاتل مدي تائين التوا هيٺ رکي قانوني عمل جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي جڏهن ته ريفرنس وقت نيب پرعزم نظڙ نه آيو ۽ نيب ٽرائل ڪورٽ ۾ جوابدارن خلاف هڪ به شاهد يا ثبوت پيش نه ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن شخص تي الزام جو فيصلو جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي ته جئين جوابدارن کي سزا ۽ بي ڏوهي بري ٿي سگهي، اڻڄاتل مدي تائين التوا ۾ رهندڙ ڪيس انصاف ۾ دير ناانصافي برابر جي چواڻي کي سچو  ثابت ڪن ٿا، چئن سالن تائين نيب چيئرمين ريفرنس جي بحالي لاءِ ڪابه درخواست نه ڪئي پر جڏهن درخواست ڏني وئي ته پيروي نه ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ميڊيا جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ويو ته ٻڌڻي دوران ميڊيا طرفان سنجيده رپورٽنگ ڪي وئي، جڏهن ته ڪجهه ميڊيا گروپس ڪيس ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي راءِ به شايع ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *