حج ڪرڻ کانپوءِ هاڻي رڳو زال کي ستائيندو آهيان: شعيب اختر

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته هو ڪيريئر ۾ جيتري محنت سان کيڏيو، ان بابت رڳو هو پاڻ ۽ سندس ماءُ ئي ڄاڻي ٿي. خانگي ٽي وي موجب شعيب اختر ٻڌايو ته پي ايس ايل سبب اسان جي رانديگرن کي پئسا مليا اهو هڪ بهترين خيال آهي ۽ هو پي ايس ايل جو بهترين مستقبل ڏسي رهيو آهي. پاڪستان ٽيم ميچ نه به کٽي پر رڳو ان کي ويڙهائي اهو ئي ڪافي آهي. رانديگرن ۾ جذبو آهي پر انهن کي ويزن جي به ڄاڻ هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ۾ پاڪستاني ٽيلنٽ جو تمام گهڻو قدر آهي ۽ بالي ووڊ اسٽارز اندر ڪرڪيٽر ويٺل آهن. بالي ووڊ اسٽار سلمان خان هن کي فرمائش ڪئي ته تيز ترين بال جي تصوير هن کي آڻي ڏئي، هن کي اها پنهنجي پيءُ جي ڪمري ۾ ٽنگڻي آهي. سليم خان جي ڪمري ۾ اها تصوير اڄ به ٽنگيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *