حب ويجهو 11 پورهيت اغوا، 9 قتل

حب (مانيٽرنگ ڊيسڪ/اين اين آءِاي پي پي) حب ويجهو اغوا ٿي ويل 11 پورهيتن مان 9 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير پاران واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ساڪران واري علائقي جي پولٽري فارم ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي گذريل رات اغوا ڪري کين قتل ڪيو ويو آهي. ساڪران واري علائقي مان اغوا ٿيل 9 پورهيتن جا لاش مليا. پوليس پهچي قتل ڪيل 9 پورهيتن جا لاش اسپتال پهچايا. ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل پورهيت مظفر ڳڙهه ۽ ڊيرا غازي خان جا رهواسي آهن. وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايف سي ۽ پوليس ساڪران واري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب اغوا ٿي ويل هڪ پورهيت کي هٿياربندن ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو زخمي حالت ۾ مليو آهي. پوليس ٻڌايو ته اغوا ٿي ويل هڪ پورهيت اڃا تائين گم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *