حبيب بينڪ نيويارڪ جو نواز شريف جي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حبيب بينڪ نيويارڪ برانچ کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ان تي 62 ارب رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. نواز شريف بطور وزير اعظم حبيب بينڪ نيويارڪ کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو. نواز شريف کي هل ميٽل ڪمپني طرفان الراجي بينڪ مان پيسا حبيب بينڪ موڪليا جتان اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ ۾ نواز شريف جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا. حبيب بينڪ آمريڪا ۾ مني لانڊرنگ جي قانون جي عملدرآمد ناهي ڪري رهي جنهن سبب ڳرو ڏنڊ لاڳو ٿيو. نيو يارڪ اسٽيٽ ڊيپارٽمينٽ جي فنانس سروسز جي رپورٽ موجب حبيب بينڪ تي 53 الزام لاڳو ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حبيب بينڪ برانچ مان اهڙيون ادائيگيون ٿينديون رهيون جنهن جو مقصد سمجهه کان ٻاهر آهي. حبيب بينڪ نيويارڪ تي مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي سهڪار جو به الزام لڳايو ويو. الراجي بينڪ جا القاعده سان لاڳاپا هئا، مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ٿيندي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *