حاڪم ۽ محڪوم سڀ آئين جي آڏو برابر آهن، ڪوئي غلط فهمي ۾ نه رهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج مسٽر جسٽس جواد ايس خواجه وزيراعظم جي نااهلي متعلق درخواست جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته حاڪم ۽ محڪموم سڀ آئين اڳيان برابر آهي استثنيٰ ڪنهن کي نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪوئي آئين کان منهن موڙي سگهي ٿو سزا کان سواءِ ڪوئي نااهل نٿو ٿي سگهي ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي به ٻڌنداسين خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ وزيراعظم جي نااهلي متعلق درخواست جي ٻڌڻي ڪئي درخواست گذار گوهر نواز سنڌو درخواست جي ٻڌڻي لائق هئڻ متعلق دليل ڏيندي چيو ته اسپيڪر عدالتي فيصلي کان پوءِ نااهلي جو فيصلو ڪري ٿو منهنجي درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي ۽ هي ئي منهنجو فورم آهي گوهر نواز ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني جي آئين کي پٺي ڏيڻ تي نااهلي سان رياستي ادارا مضبوط ٿيا جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته يوسف رضا گيلاني جو معاملو نوازشريف جي ڪيس کان مختلف هو جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته اوهان جو چوڻ آهي ته اسپيڪر 18هين ترميم کان پوءِ براهه راست نااهلي نٿو ڪري سگهي اسان اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ايندڙ ٻڌني تي اٽارني جنرل کي به ٻڌنداسين جسٽس خواجه چيو ته سزا ڏيڻ لاءِ صرف عدالتي فورم ئي آهي آئين چوي ٿو ته سزا کان سواءِ ڪائي نااهلي نٿي ٿي سگهي پوءِ ڇو ڪوئي فوجي هجي يا عام شخص وزيراعظم جي اهليت يا نااهليت جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي اڄ ڪوئي حاڪم يا محڪوم نه آهي ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته ذهن مان ڪڍي ڇڏي هي فرق 1947 کان اڳ جو هو اڄ جو نه آهي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ بيروني ملڪ آهي هڪ ٻن ڏينهن تائين عدالتي معاونت لاءِ موجود هوندو عدالت درين کي نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ درخواست گذار کي لکت ۾ سبب ڄاڻائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *