حالتون ڏکيون آهن، قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آھيون: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جون حالتون ڏکيون آهن، ملڪ تي قرض چڙهيل آهن ۽ هن وقت حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ”ڪير سکيو نه سمهي“ پروگرام جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان پروگرام کي مرحلي وار هٿي ڏني ويندي، ڪچن ٽرڪ جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايو ويندو، منهنجي خواهش هئي ته اسان جي وزيرن اندر اهڙو احساس هجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ مقصد تحت وجود ۾ آيو پر ان رستي تي نه هلي سگهيو، اڄ اسان تي قرض چڙهيل آهن ۽ عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ وسيلا محدود آهن، ان باوجود الله پاڪ جو اسان کي حڪم آهي ته ان رستي تي هلون جيڪو قانون جي بالادستي ۽ انسانيت جو رستو آهي، اها اسان جي ذميواري آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقي جي سار سنڀال قبول ڪيون. سندس چوڻ هو ته ان پروگرام جي ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪيترو فائدو ٿيندو، جڏهن هڪ بکيو انسان ٻه ويلا ماني کائيندو ته الله جي رحمت به هن ملڪ تي نازل ٿيندي ۽ الله جي رحمت شامل رهي ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021 تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ مزدورن جي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مفت کاڌي جا ڌٻا فراهم ڪرڻ لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪوئي بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪيو هو جنهن تحت 37827 ماڻهن ۾ کاڌو ورهايو ويو آهي جنهن جي صلاهيت هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين وڌائي پئي وڃي ٽن وڌيڪ ضلعن ۾ وڌائڻ سان انهن ماڻهن ۾ کاڌو ورهايو ويندو جن کي احساس پناهگاهن ۽ لنگر خانن تائين پهچ حاصل نه آهي، احساس ڪوئي بکيو نه سمي وزيراعظم عمران خان جو سال 2021 جو ويزن آهي سٺي کاڌي جي فراهمي لاءِ احساس ڪوئي بکيو نه سمهي ٽرڪ ڪچن معياري کاڌو تيار ڪرڻ جي سامان سان ليس آهي هلندڙ سال جي آخر تائين هن مرحلي وار هن پروگرام کي وڌيڪ شهرن تائين وڌايو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *