حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج گهرائڻ جي ضرورت ناهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته معاملا رستن ۽ ڪنٽينرن تي نه پر ايوانن ۾ ويهي حل ڪبا  آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي اسان سنڌ اسيمبلي ۾ ٻيهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. چونڊ تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊن جو معاملو پيچيده ٿيندو پيو وڃي ۽ چونڊن لاءِ سڪيورٽي انتظامن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ امن امان جي ادارن سان ڳالهائي حتمي فيصلو ڪندو. سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ايئن نه ڪيو ويو ته چونڊن کان پوءِ ڳالهين جا دروازا به کليل نه رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي سنڌ اسيمبلي  جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جا 4 سنڌ اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن ۽ اسان کين ڀيلڪار چونداسين. هن چيو ته هي ايوان عوامي مفاد جو ايوان آهي ۽ سمورن مسئلا هن ايوان ۾ ويهي ڪري حل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته مسئلا رستن ۽ ڪنٽينر تي ويهي ڪڏهن به حل نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته صبح جو ڀليل جيڪڏهن شام جو گهر واپس اچي وڃي ته ان کي ڀليل نٿو چئي سگهجي ۽ تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر به ان ئي مثل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته استعيفائن جي حوالي سان هن کي جيتري معلومات آهي ان جي مطابق انهن جي استعيفيٰ اليڪشن ڪميشن کي نه موڪلي وئي هئي ۽ ان حوالي سان اسپيڪر سنڌ اسيمبلي قانوني حيثت ٻڌائي سگهي ٿو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چونڊ تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڪجهه پيچيدگيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ جيڪو صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو به آهي ۽ گهرو وزير جو قلمدان به ان وٽ ئي آهي هو ان سلسلي ۾ امن امان جي بحالي جي ادارن سان گڏجي فوج جي مقرري ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ڪو فيصلو ڪندو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيترن تڪن ۾ ننڍيون چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون ويون آهن، پر اسان جي پوليس ۽ رينجرز به معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت تي اهو لازم ۽ فرض آهي ته هو پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪن ۽ هڪ ٻئي کي جاءِ ڏين. هن چيو ته ڪافي ڀيرا چيو آهي ته سياسي جماعتون چونڊن کي چونڊن جي حد تائين محدود رکن ۽ معاملي کي ان حد تائين نه وڌائين جو چونڊن کان پوءِ ڳالهين جا دروازا بند به ٿي وڃن. هن چيو ته آئون سمورن سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي به اپيل ڪندس ته هو هڪ ٻئي کي دشمن تصور نه ڪن ۽ سياسي ڪارڪنن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *