حافظ آباد ۾ وڌيڪ 16 عورتن جو بون ميرو ڪڍڻ جو انڪشاف

حافظ آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي شهر حافظ آباد ۾ وڌيڪ 16 عورتن جو بون ميرو ڪڍڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪرنگهه جي هڏي مان پاڻي ڪڍڻ جي متاثر عورتن کي ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايم ايس جو چوڻ آهي ته متاثر عورتن جي ڪرنگهي جي هڏي ويجهو سرنجهه جا نشان ڏٺا ويا آهن. ٻئي طرف ڊي پي او حافظ آباد غياث گل جو چوڻ آهي ته مبينا طور عورتن جي ڪرنگهي جي هڏي مان پاڻي ڪڍڻ جو مقصد ڇا هو ان بابت جلد اڳڀرائي ٿيندي جڏهن ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي پي او چيو ته خاص ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي جڏهن ته متاثر عورتن جا نمونا ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن ۽ رپورٽ اچڻ تي ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. صحت واري وفاقي وزير سائره تارڙ جو چوڻ آهي ته شروعاتي طورمعاملو سمجهه کان ٻاهر آهي، بون ميرو ڪڍڻ ايترو سولو ناهي، جيڪڏهن گرفتار جوابدار ملوث آهن ته کين انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *