حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد، اسحاق ڊار جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنت جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اثاثا رفرنس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي  حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ضمانت جوڳا گرفتاري جا و رانٽ جاري ڪري ڇڏيا، سومر تي نيب جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي خلاف اثاثا رفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي ٽيم ۽ گواهه عبدالرحمان گوندل ثبوت کڻي عدالت پهتو جڏهن ته جوابدار  اسحآق ڊار  پيش نه ٿيو، ٻڌڻي  شروع ٿي ته اسحاق ڊار جي وڪيل ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي حاضري جي ڇوٽ درخواست داخل ڪئي  ۽ عدالت ۾ ان جي  ميڊيڪل رپورٽ پڻ پيش ڪئي خواجا حارث چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طبي معائني جي لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي ، سندس لنڊن ۾ طبي معائنون ٿيڻون آهي، اسحاق ڊار جا بلڊ ٽِسٽ اي سي جي ۽ ٻيا ٽيسٽ ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي، اسحاق ڊار خميس تي عدالت ۾ پيش ٿي ويندو،  جيڪڏهن اوهان گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ چا هيو ته ڪوئي اعتراض ناهي، نيب ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، نيب جي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هيو ته جوابدار کي عدالت جي اجازت کانسواءِ پرڏيهه نه وڃڻ گھرجي ها، احتساب  عدالت جي جج اسحاق ڊار جي حآضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي عدالت  2 نومبر تي پيش  ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *