حارث رئوف پاران هڪ دفعو ٻيهر بگ بيش ليگ ۾ بهترين راند جو مظاهرو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن مان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ نوجوان فاسٽ بالر حارث رئوف هڪ دفعو ٻهر بگ بيش ليگ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي.نوجوان فاسٽ بالر حارث رئوف مليبورن اسٽار جي نمائدگي ڪندي سڊني ٿنڊر جون 3 وڪيٽون ورتيون. ڊيل اسٽين جي فٽنس مسئلن جي ڪري اوچتو  ٽيم ۾ جڳهه ٺاهيندڙ پاڪستاني پيسر پهرين ميچ ۾ 2 ٻئين ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪندي ڪرڪيٽ جي دنيا جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.ڊيل اسٽين کي فٽ ٿيڻ کان پوءِ ٽيم مينجمينٽ حيران ڪندڙ فيصلو ڪندي حارث رئوف کي ڊراپ ڪري ڊيل اسٽين کي شامل ڪري ورتو هو پر گذريل ڏينهن اسپنر سنديپ لامي چيني جي انجري هڪ دفعو ٻيهر حارث رئوف جي ميلبورن اسڪواڊ ۾ واپسي جو رستو ٺاهي ڇڏيو آهي.هن سڊني ٿنڊر جون 3 وڪيٽون 24 رنسن عيوض حاصل ڪندي پنهنجي چونڊ صحيح ثابت ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڊيل اسٽين ڪابه وڪيٽ نه وٺي سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *