حارث رئوف بنگلاديشي ٽيم کي ڪمزور قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي ڪمزور ۽ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور ۾ تربيتي ڪيمپ جوائن ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث رئوف بلند ارادن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بگ بيش لاءِ کيڏڻ الڳ الڳ شيون آهن، هر نوجوان جو خواب هوندو آهي ته پاڪستان ٽيم جو ٽريڪ سوٽ پائي، ايترو جلدي ان جي تعبير ٿيڻ بابت سوچو نه هو، اهو ڪيترو وڏو اعزاز آهي ان جو احساس هاڻي ٿي رهيو آهي.حارث رئوف چيو ته هوم سيريز ۾ ڊيبيو ڪرڻ منهنجي خوش قسمتي آهي، سيريز ۾ بهترين بالر بڻجڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، عاقب جاويد کان گهڻو ڪجهه سکيم ۽ هاڻي وقار يونس کان بال ريورس ڪرڻ سکي رهيو آهيان.فاسٽ بالر بنگلاديش جي ٽيم کي ڪمزور قرار ڏيندي چيو ته ان ٽيم ۾ ڪو اهڙو رانديگر ناهي جنهن سان خطرو هجي، سڀني کي جلد پويلين موڪلڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *