جھڙي طرح فلمن ۾ نظر ايندو حقيقي زندگي ۾ بلڪل ان جي ابتڙ آهيان : شاهه رخ خان

ممبئي (اين اين آءِ)باليووڊ جي ڪنگ چورائڻ واري اداڪار شاهه رخ خان مداحن کي مشورو ڏنو ته هو ان کان متاثر ٿي اهڙيون حرڪتون نه ڪن جيڪي هو پنهنجي فلمن ۾ ڪندو آهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته فلمن ۾ جيئن مان نظر ايندو آهيان حقيقي زندگي ۾ ان جي شخصيت بلڪل ان جي ابتڙ آهيان. بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان کي رومانس جو بادشاهه سمجھيو ويندو  آهي. پر شاهه رخ خان چيو  ته هو اصل حقيقي زندگي ۾ بلڪل ان جي ابتڙ آهيان. هن پنهنجي مداحن کي مشورو ڏيندي چيو ته فلمن ۾ ان جھڙيون حرڪتون ڪيون ان اصل زندگي ۾ اهي ان ڪڏهن به نه ڪيون. فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جھڙي طرح آخر ۾ ان ٺيڪ شادي جي وقت ڪاجل سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو  حالانڪه گھوٽ هيٺ بيٺو هو، حقيقي زندگي ۾ هو ائين سوچي به نه ٿو سگھي. شاه رخ خان پنهنجي اچڻ واري فلم جب هيري ميٽ سجل جي مشهوري ۾ مصروف آهي ان پنهنجي سيني تي هڪ ٽاٽو ٺهرايو آهي جنهن تي ان چيو ته حقيقت ۾ ان کي ٽاٽو ٺهرائڻ ۾ ڏاڍو خوف ٿيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *