جڏهن پنهنجي گهر ويندو آهي ته شوبز جي زندگي کي ٻاهر ڇڏي ويندو آهيان: عمران عباس

 

ڪراچي (شوبز نيوز)پاڪستاني ٽيليويزن ۽ فلم انڊسٽري جي پرڪشش اداڪار عمران عباس پنهنجي شادي ۽ ذاتي زندگي بابت انتهائي دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار عمران عباس هڪ خانگي ٽي وي چئنل انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته سندس والدين صفا سادا آهن، کين لالي ووڊ کان ويندي هالي ووڊ جي ادڪارن بابت ڪا خبر ناهي ۽ هنن اڄ تائين سندس ڪا به ناهي ڏٺي .عمران عباس چيو  ته آئون جڏهن پنهنجي گهر ويندو آهي ته شوبز جي زندگي کي ٻاهر ڇڏي ويندو آهيان، ان کانسواءِ هن چيو ته جيستائين پهنجي گهر ۾ موجود رهندو آهيان پهرين ترجيح پنهنجو ڪٽنب هوندو آهي.انٽرويو دوران شادي بابت سوال ڪيو جنهن جواب ۾ هن چيو ته ها، هاڻي مونکي شادي جي ضرورت محسوس ٿئي پئي، آئون ذهني ميلاپ واري ڪنهن ساٿي جي ڳولا ۾ آهيان ۽ جڏهن مونکي اهڙي ڪا ڇوڪري ملي ويندي ته ترت شادي ڪري وٺندس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *