جڏهن لاڪ ڊائون دوران دڪان ۽ ادارا بند آهن ته پوءِ لوڊ شيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ جو سُپريم ڪورٽ ۾ به پڙاڏو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪورونا وائرس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن لاڪ ڊائون دوران دڪان ۽ ادارا بند آهن ته پوءِ لوڊ شيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي 18 ڪلاڪ بجلي نه ڏيندئو، اهي ڳالهه ڇو ٻڌندا؟ سنڌ ۾ به 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، پاڻيءَ جي مُند ۾ 18 ڪلاڪن بجلي بند هوندي ته ڪيئن ڪم هلندو؟.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *