جڊيشل ڪميشن کي منجهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڙيل ڪميشن کي ڪم کان روڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن، ڪميشن جو فيصلو اچڻ سان تاريخ بدلجي ويندي. اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته  ايڪويهه پارٽين تسليم ڪيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، ن ليگ ٻڌائي ته کين 15 ملين ووٽ ڪيئن مليا؟ هن چيو ته ڌانڌلين جا سمورا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن، ٿيلهن جي جاچ هڪ هفتي اندر مڪمل ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته نواز شريف هري پور ۾ هڪ جلسي کي خطاب دوران پاڻ به تسليم ڪيو ته ڌانڌلي ٿي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته جڊيشل ڪميشن کي منجهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عمران خان جو چوڻ هو ته اڄ اعتزاز احسن جو تڪ کولڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *